خلف بن محمد ديبلي

خلف بن محمد ديبلي: هيءُ نامور عالم علي بن عيسيٰ ديبليءَ جو شاگرد هو، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد بغداد ويو، جتي اسلام جي پرچار ڪندي ڪيترن ئي هنڌن تي علمي تقريرون ڪيائين، کيس تقرير ڪرڻ جي مهارت حاصل هئي، ان ڪري تمام گهڻي مقبوليت ماڻيائين. بغداد ۾ ديني تعليم به ڏنائين. اتان جا مشهور عالم حسين الجندي ۽ احمد بن عمير سندس شاگرد هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو